ڪوٽڙي ويجهو گهرو اڻبڻت تان عورت ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

news

ڪوٽڙي: سومر 16 اپريل 2018:ڪوٽڙي سائيٽ جي ابڙا چوڪ ڀرسان 30 سالن جي عورت ڀاڳل ملاح گهرو اڻبڻت تان مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

جنهن بعد اطلاع تي ٽي بي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي  پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو.

جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ عورت ڀاڳل جي کيسي مان پوليس کي هڪ خط مليو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته مون کي معاف ڪجو، مان اڄ پاڻ کي مارڻ وڃا ٿي، ڇو ته منهنجي زندگي ته شادي کانپوءِ خراب ٿي وئي، جنهن ڪري هاڻ اهڙي زندگي جي جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي. مان وڌيڪ توهان کي تڪليف ڏيڻ نٿي چاهيان.

هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ عورت جي پيءَ الهڏنو ملاح ٻڌايو ته هڪ سال اڳ مون ڌيءَ ڀاڳل جي شادي  صدام ملاح سان  ڪرائي هئي، جيڪو گونگو هو، جنهن ڪري ڌيءَ اڪثر پريشان رهندي هئي.

هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ڌيءَ شڪايتون ڪيون هيون ته مان هن سان گڏ نٿي رهي سگهان. مون کي طلاق وٺي ڏياريو پر هن ڪڏهن به خودڪشي جي ڌمڪي نه ڏني هئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڌيءُ اسان جي گهر آيل هئي ۽ اسان گهرڀاتين سميت پاڙي ۾ شادي تي ويل هئاسين جتي اسان کي پاڙي وارن اچي ٻڌايو ته توهان جي نياڻي جو گهر ۾ لاش ٽنگيو پيو آهي. جنهن بعد گهر پهتاسين پر ڌيءَ فوت ٿي چڪي هئي.

جڏهن ته لاش تعلقي اسپتال ڪوٽڙي ۾ پيل آهي، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم اڃا نه ٿي سگهيو آهي.

ٻئي پاسي ٽي بي پوليس پوسٽ انچارج آفتاب ميمڻ ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته ابڙا چوڪ ڀرسان هڪ جڳهه ۾ لاش ٽنگيو پيو آهي.

جنهن تي اسان بروقت ڄاڻايل هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو آهي. جڏهن ته لوڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد حقيقت سامهون اچي سگهي ٿي.01