صدر ممنون حسين عام چونڊن ۾ دير جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: سومر 16 اپريل 2018ع: صدر ممنون حسين اليڪشن ۾ دير جو امڪان رد ڪندي چيو آهي ته ان کي عام چونڊون بروقت ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، سياستدان ٻار ناهن جو انهن کي ويهاري سمجهايو وڃي ته انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ پاسپورٽ آفيس آمد جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، ادارا پنهنجي حدن ۾ ڪم ڪندا ته ڪنهن کي شڪايت نه ٿيندي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪا دولت ٻاهر آهي ضروري ناهي ته سموري لٽيل هجي، بيشمار ماڻهن جي پنهنجي دولت به آهي، مني لانڊرنگ کان بچڻ لاءِ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو اعلان ڪيو ويو.

اسلام آباد ۾ صدر ممنون حسين خاتون اول سان گڏجي پاسپورٽ آفيس جو دورو ڪيو جتي صدر ۽ پهرئين عورت پاسپورٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي. 

صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستانين کي اهڙي ملڪ نه وڃڻ گهرجي جتي انهن جي عزت ناهي.