پروگريسو هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
مستنصر علي جمالي | 1 ھفتو پھريان

ٽنڊوڄام: سومر 16 اپريل 2018:پروگريسو هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام پاران زرعي يونيورسٽي جي ايم ايم شيخ هال ۾ ايوارڊ ورهائڻ لاءِ سالياني تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب ۾ مانيٽرنگ آفيسر پرائيويٽ اسڪولز حيدرآباد ريجن پير راحيل، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ٽنڊومحمد خان اي ڊي سهتو، اسڪول جي پرنسپال آپا خيرالنساءِ، مير محمد خاصخيلي، احسن حميد، محمد اختر آرئين ۽ ٻين سالياني امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا.
ان موقعي تي پير راحيل، اي ڊي سهتو، آپا خيرالنساءَ ۽ مير محمد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته پرائيوٽ اسڪولن جا استاد شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ استادن سان گڏوگڏ والدين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هنن چيو ته ٻارن کي بهتر ۽ معياري تعليم ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.
جڏهن ته تقريب ۾ حامد نواز جوڻيجو، غلام سرور سيال، مير مختيار ٽالپر، محمد اڪبر خانزادو، وزير علي ڪانڌڙو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.01

22

Web Portal Developed and Designed by MIT SOFTWARE SOLUTION Hyderabad : http://mitsoftsolution.net, Contact us : 0222-786731