پاڻي ۾ ترندڙ ڊرون تيار ڪيو ويو

news

لاهور: سومر 16 اپريل 2018ع: هينئر تائين ڊرونز کي هوا ۾ اڏامندي ڏٺو ويو هو جيتوڻيڪ جديد ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ هاڻ ڊرون پاڻي ۾ به هلائي سگهبو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پاور ڊولفن جي نالي سان هڪ اهڙو ڊرون ٺاهيو ويو آهي جيڪو صرف پاڻي ۾ ترندو ئي نه پر مڇي جو شڪار به پاڻ ڪري سگهندو آهي.

پاڻي ۾ ترندڙ اهو ڊرون پاڻي جي اندر ۽ ٻاهر ٻنهي جاين تي 4 ڪي جي فوٽيج شوٽ ڪري سگهي ٿو ۽ صرف اهو ئي نه پر هاڻ اوهان پاڻي جي اندر موجود جانورن ۽ تيراڪي جي لائيو وڊيو به بڻائي سگهندا آهن.

پاور ڊولفن ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها مشين پنهنجي ذهانت سان پاڻي جي اندر مڇي کي ڳولي ان کي پڪڙي سگهي ٿي، هن جي اها به دعويٰ آهي ته ان ڊرون جي رفتار هڪ عام تيراڪ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.