ميرپورماٿيلو مان گم ٿي ويل عورت ڌيءَ سميت ڀاءُ جي گهر پهتي، پوليس حوالي

news

ميرپورماٿيلو: سومر 16 اپريل 2018:ميرپور ماٿيلو مان پنج ڏينهن اڳ گم ٿي ويل عورت مسمات فوزيا چنا ۽ سندس معصوم نياڻي ڪشف چنا واپس پنهنجي ڀاءُ جي گهر پهچي وئي آهي.

ان حوالي سان فوزيا چنا جي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس پهچي مسمات فوزيا کي ٿاڻي تي وٺي ويهاري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس پاران ڄاڻايل عورت کي صحافين سان ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي مسمات فوزيا چنا جي ڀاءُ عباس علي چنا ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ فوزيا چنا تي مڙس عابد علي پٺاڻ تشدد ڪندو هو ۽ هن هڪ ڀيرو منهنجي ڀيڻ کي گهران پڻ ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد منهنجي ڀيڻ گهوٽڪي ۾ نهري شاھ جي درگاھ تي پناھ ورتي. اڄ هو اسان وٽ پهتي آهي.

جڏهن ته سان فوزيا چنا ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس مون مٿان تشدد ڪندو هو ۽ مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد مان پنهنجي مرضي سان گهوٽڪي ۾ درگاھ نهري شاھ تي وڃي پناھ ورتي، ۽ اڄ مان هتي پهتي آهيان. هوڏانهن ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ هو ته مسمات فوزيا چنا کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪنداسين.01