سعودي عرب ۾ گهريلو ملازمه جي تشدد ۾ ٻارڙي فوت

news

 رياض: اڱارو 17 اپريل 2018ع: سعودي عرب ۾ ايٿوپيا جي گهريلو ملازمه ننڍڙي ٻارڙي تي تشدد ڪري ان کي ماري ڇڏيو.

سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق الخرج شهر ۾ ايٿوپيا سان تعلق رکندڙ گهريلو ملازمه ٻارڙي تي تشدد ڪري ان کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي فوري طور ڪنگ سعود ميڊيڪل سٽي الخرج منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

پوليس ملازمه کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.