تاپسي پنو جي فلم ”من مرضيا” جي نئين جهلڪ جاري

news

 ممبئي: اڱارو 17 اپريل 2018ع: بالي وڊ اداڪارا تاپسي پنو جي فلم من مرضيان جي نئين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ڀارتي سڌ سماءِ وارن ذريعن موجب تاپسي پنو جي فلم من مرضيان جي نئين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي.

تاپسي پنو  سماجي ميل ميلاپ واري ويب سائيٽ انسٽا گرام تي شيئر ڪندي ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. فلم جو هدايتڪار انوراگ ڪشيپ آهي.

فلم جي ڪاسٽ ۾ تاپسي پنو، اڀيشڪ بچن ۽ وڪي ڪوشل شامل آهي. اها فلم 7 سيپٽمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.