ڊوين براوو ويرات ڪوهلي کي ڪرڪيٽ جو ڪرسٽيانو رونالڊو قرار ڏئي ڇڏيو

news

ممبئي: اڱارو 17 اپريل 2018ع: ڀارت ۾ آءِ پي ايل کيڏڻ ۾ مصروف ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڊوين براوو ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران ويرات ڪوهلي جي تعريفن جا پل ٻڌي ڇڏيا، ڊوين براوو 29 ورهين جي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي ڪرڪيٽ جو ڪرسٽيانو رونالڊو قرار ڏئي ڇڏيو.

34 ورهين جي آل رائونڊر ڊوين براوو چيو ته مان پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڊيرن براوو کي هميشه چون آهيان ته ويرات ڪوهلي کي ڪرڪيٽ کيڏندي لازمي ڏس ۽ مون ويرات کي به چيو ته هو منهنجي ڀاءُ جي بيٽنگ ۽ ڪرڪيٽ ۾ مدد ڪري.

براوو چيو ته هڪ ڪرڪيٽر هجڻ سبب مان جڏهن ويرات ڪوهلي جي مخالف يا ان سان کيڏندو آهيان ته مون کي ڏسي خوشي ٿيندي آهي، جهڙي طرح هو ڪرڪيٽ کيڏندو آهي مون کي ايئن ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته هو ڪرڪيٽ جو ڪرسٽيانو رونالڊو آهي.