سيارن جي ڳولا: آمريڪي ادارو ناسا اڄ خلا ۾ نئين سيٽلائيٽ موڪليندو

news

نيويارڪ: اڱارو 17 اپريل 2018ع: آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا اڄ خلا ۾ نئين سيٽلائٽ موڪلي رهيو آهي جنهن جو مقصد نظام شمسي جي ٻاهران اهڙن سيارن جي ڳولا آهي جيڪي سڀ کان ويجهي ۽ روشن ترين ستارن جي چوڌاري گهمي رهيا آهن.

ٽيس نالي خلائي جهاز فلوريڊا ۾ ڪيپ ڪنيورل ايئر فورس اسٽيشن کان صبح لانچ ڪيو ويندو جنهن جي ٽيلي اسڪوپس وسيلي ناسا مستقبل ۾ خلا ۾ گهمندڙ سيارن تي حياتي جي ڳولا ڪندو.

ٽرانزيٽنگ ايگزوپلينٽ سروي سيٽلائيٽ تقريبن پوري آسمان جي سروي ڪندو ۽ اهو شروعات ۾ ڏکڻ اڌ ڪري تي هڪ سال گذاريندو جنهن کانپوءِ هڪ سال اتر اڌ ڪرا تي گذاري ان جي سروي ڪندو.

ناسا جي لانچ سروس پروگرام جي سينيئر ڊائريڪٽر عمر بائر جو چوڻ آهي ته اسان سيٽلائٽ ڇڏڻ جي سلسلي ۾ هر شئي جو نهايت ويجهي کان جائزو وٺي ڇڏيو آهي ۽ سمورا معاملا درست پيا وڃن.