سلمان شاهرخ خان جي فلم زيرو ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندو

news

ممبئي: اربع 18 اپريل 2018ع: بالي ووڊ سلطان سلمان خان شاهرخ خان جي فلم زيرو ۾ مختصر ڪردار ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.

بالي ووڊ اداڪارا سلمان خان کي باڪس آفيس ڪنگ جي حيثيت آهي اهو ئي سبب آهي جو هر هدايتڪار سلو ڀائي سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو پر وقت جي کوٽ سبب ايئن ممڪن ناهي هوندو ان ڪري هو ڪنهن نه ڪنهن طرح دبنگ خان کي پنهنجي فلم ۾ مختصر ڪردار لاءِ راضي ڪندا آهن جڏهن ته شاهرخ خان سان دوستي کانپوءِ هو ان جي فلم فين ۾ به مختصر ڪردار ۾ ڏٺو ويو هو ۽ هاڻ ان جي نئين فلم زيور ۾ به ان جي انٽري هوندي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ ڪنگ شاهرخ خان جي نئين فلم زيرو ۾ سلمان خان خاص ڪردار ۾ نظر ايندو جڏهن ته فلم ۾ ٻنهي اداڪارن جي جوڙي کي دلفريب بڻائڻ ۽ مداحن جو رت گرمائڻ لاءِ ان تي هڪ گانو شوٽ ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ سکوندر سنگهه جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سکوندر سنگهه ان گيت ۾ سلمان خان جي مهمان طور انٽري ۾ ان سان گڏ عاليا ڀٽ، ڪرشما ڪپور، ڪاجول ۽ راني مکرجي به نظر اينديون.