محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن ٽيسٽ ٿي وئي، رپورٽ ٻن هفتن کانپوءِ ايندي

news

لنڊن: اربع 18 اپريل 2018ع: پاڪستاني اسٽار آل رائونڊر محمد حفيظ جي برطانيه ۾ بالنگ ايڪشن ٽيسٽ ٿي وئي جنهن ۾ هن 3 اوور ڪرايا، محمد حفيظ جو ڪنسلٽنٽ ڪارل ڪرو به ان سان گڏ هو، ٽيسٽ جي رپورٽ 2 هفتن کانپوءِ ايندي، ٽيسٽ ۾ 12 هاءِ اسپيڊ ڪيميرائن جي مدد سان آف اسپنر جي بالن جو جائزو ورتو ويو.

ٽيسٽ جي حوالي سان محمد حفيظ جو چوڻ هو ته پوري طرح پراميد آهيان ته ٽيسٽ ڪليئر ڪري وٺندس ۽ قومي ٽيم ۾ آل رائونڊر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهندس.

حفيظ گذريل سال نومبر ۾ سريلنڪا خلاف ون ڊي ميچ ۾ ٽيون ڀيرو غير قانوني بالنگ ايڪشن جي ور چڙهي ويو هو، ان کان اڳ 2014ع ۽ 15ع ۾ به حفيظ جو ايڪشن رپورٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ ان تي هڪ سال جي پابندي لڳي چڪي آهي.