هاڻ جهاز ۾ بيهي سفر ڪرڻ ممڪن

news

روم: اربع 18 اپريل 2018ع: ڪلاڪن جي هوائي سفر ۾ سيٽ تي ويهڻ کان بيزار ٿي ويندڙن لاءِ سٺي خبر آهي ته هاڻ جهاز لاءِ اهڙيون سيٽون تيار ڪيون ويون آهن جنهن ۾ هو بيهي به سفر ڪري سگهندا.

جهازن جون سيٽون ٺاهيندڙ هڪ اٽالين ڪمپني اڪانامي ڪلاس جي نئين ڊيزائن واريون سيٽون ٺاهيون آهن جيڪي نه صرف اونچائي ۾ پراڻين سيٽن کان وڏيون آهن پر جاءِ به گهٽ والارينديون آهن.

ڪمپني نئين ڊيزائن وارين سيٽن کي اسڪائي رائيڊر جو نالو ڏنو آهي جنهن کي لڳائڻ سان اڪانامي ڪلاس ڪيبن ۾ مسافرن جو تعداد 20 سيڪڙو وڌي ويندو ڇو ته ڊيزائن جي مناسبت سان اهي گهٽ جاءِ والارين ٿيون ۽ ٽنگون ڊگهيون ڪرڻ لاءِ ملندڙ فاصلو 28 انچ کان گهٽ ٿي 23 انچ رهجي ويندو جنهن سان ايئر لائن کي وڌيڪ منافعو ملندو.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين سيٽن جو وزن ٻين ڪلاس جي سيٽن کان اڌ آهي جڏهن ته ان جي مرمت ۽ صفائي سٿرائي جا خرچ به پراڻين سيٽن کان گهٽ آهن.