پاڻي سان باهه پيدا ڪندڙ اوزار تيار

news

برسلز: اربع 18 اپريل 2018ع: هينئر تائين پاڻي کي باهه جو دشمن ئي سمجهيو ويندو هو پر يورپي سائنسدانن پاڻي جي مدد سان باهه پيدا ڪري ورتي.

جرمن نيوز ويب سائيٽ موجب يورپي ريسرچ منصوبي جي تحت هڪ اهڙو اوزار بڻايو ويو آهي جيڪو پاڻي سان باهه پيدا ڪري وٺي ٿو.

اهو ننڍڙو اوزار اليڪٽروليسيس وسيلي پاڻي جي ماليڪيوز کي آڪسيجن ۽ هائيڊروجن ۾ ٽوڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ هائيڊروجن کي آڪسيجن جي موجودگي ۾ ساڙڻ سان گرمي پيدا ٿيندي آهي ان حدت جي ويلڊنگ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

اهو اوزار ڀڙڪندڙ گيسز استعمال ناهي ڪندو پر ساڙڻ لاءِ پنهنجو تيل پاڻي سان پاڻ ٺاهيندو آهي.

اها باهه انساني صحت لاءِ گهڻي خطرناڪ به ناهي.

برطانوي انجنيئرز ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڻي سان پيدا ٿيندڙ ان حدت کي صنعتي استعمال ۾ آندو ويندو.