هالي ووڊ فلم آءِ فيل پريٽي جو لاس اينجلس ۾ شاندار پريميئر

news

نيويارڪ: اربع 18 اپريل 2018ع: هالي ووڊ ڪاميڊي فلم آءِ فيل پريٽي جو لاس اينجلس ۾ پريميئر ٿيو. مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ايمي شومر جو چوڻ آهي ته ان کي پنهنجي ذات سان پيار آهي، فلم ۾ اداڪاري سان ان جي خود اعتمادي ۾ واڌ ٿي آهي.

هالي ووڊ ڪاميڊي فلم آءِ فيل پريٽي جو آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ پريميئر ٿيو، فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ايمي شومر سميت ڪاسٽ ۾ شامل اداڪارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. فلم ۾ ٿلهن ماڻهن جي مسئلن کي هلڪي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اداڪارا ايمي جو چوڻ آهي ته فلم ۾ ڪم ڪرڻ سان ان جي خود اعتمادي ۾واڌ ٿي آهي، فلم 20 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.