اڪيلائي ۾ عبادت دماغي صحت لاءِ تمام گهڻي فائديمند

news

نيويارڪ: اربع 18 اپريل 2018ع: اڪيلائي ۾ عبادت ڪرڻ سان دماغي صحت تي مثبت اثر پوندا آهن، آمريڪي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو وقفي وقفي سان اعتڪاف ۽ مراقبي جي عبادت ڪندا آهن اهي ڊپريشن سميت بيچيني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار ناهن ٿيندا.

فلاڊيلفيا جي ٿامس جيفرسن يونيورسٽي ۾ ماهرن جي ٽيم 24 کان 76 ورهين جي 14 رضاڪارن تي مطالعو ڪيو.

انهن سمورن رضاڪارن کي 7 ڏينهن جي روحاني تربيتي پروگرام ۾ شريڪ ڪيو ويو جڏهن ته پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ انهن جي دماغن ۾ سيروٽونين ۽ ڊوپامين نالي مادن جو جائزو ورتو ويو انهن مان ڊوپامين جو تعلق جذبات ۽ سکڻ جي صلاحيتن سان آهي جڏهن ته سيرو ٽونين اسان جي جذبن ۽ موڊ کي اعتدال ۾ رکندو آهي، دماغ ۾ انهن ئي ٻنهي مادن جي کوٽ اسان جي جذباتي ڪيفيت، موڊ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي صلاحيت  تي اثر انداز ٿيندي آهي.

7 ڏينهن جي روحاني تربيتي پروگرام مان گذرڻ کانپوءِ ماهرن انهن رضاڪارن کان سوالناما پر ڪرايا جنهن سان خبر پئي ته انهن سمورن رضاڪارن نه صرف پنهنجي موڊ ۽ جذباتي ڪيفيت ۾ خوشگوار تبديلي جو اظهار ڪيو پر اهو به ٻڌايو ته هو پاڻ کي ذهني طور تي تازو محسوس ڪري رهيا آهن.