سنجي دت ۽ ماڌوري دڪشت پنجويهه سال کانپوءِ گڏ نظر ايندا

news

ممبئي: اربع 18 اپريل 2018ع: بالي ووڊ اداڪار سنجي دت ۽ ماڌوري دڪشت جي جوڙي 25 سالن کانپوءِ ڪرن جوهر جي پروڊڪشن هائوس هيٺ ٺهندڙ فلم ڪلنڪ ۾ گڏجي نظر ايندا.

سنجي دت ۽ ماڌوري جي جوڙي کي ماضي جي سڀ کان ڪامياب جوڙي سمجهيو ويندو هو جن فلم نگري کي ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏنيون آهن.

ٻنهي اداڪارن جي جوڙي جي سپر هٽ فلمن ۾ کل نائيڪ، خطرون ڪي کلاڙي، قانون اپنا اپنا، ساجن، سائبان ۽ مهانتا شامل آهن.

ماضي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ دوستي جا چرچا به رهيا پر اڻڄاتل سببن جي ڪري ٻئي پري ٿي ويا جنهن سبب ڪامياب جوڙي 2 ڏهاڪن تائين ڪنهن به فلم ۾ گڏجي ڪم نه ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب ماڌوري دڪشت ۽ سنجي دت ماضي جون سختيون وساري 25 سالن کانپوءِ ڪرن جوهر جي فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن.