هٿيار ٺاهڻ لاءِ ڪنهن جي اجازت جو انتظار نه ڪنداسين: ايراني صدر

news

تهران: اربع 18 اپريل 2018ع: صدر حسن روحاني جو چوڻ آهي ته بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ايران جي دفاع لاءِ ضروري آهي ۽ هٿيار سازي لاءِ ڪنهن کان اجازت وٺڻ جو انتظار نه ڪنداسين.

تهران ۾ يوم فوج جي پريڊ جي موقعي تي خطاب ڪندي ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته ايران جا هٿيار، جهاز ۽ ٽينڪ پاڙيسري ملڪن خلاف استعمال لاءِ ناهن جڏهن ته اسان جو عزم جارحاڻو ناهي پر ملڪي ضرورت لاءِ هر طرح جا هٿيار ٺاهينداسين ۽ هٿيار سازي لاءِ دنيا کان اجازت وٺڻ جو انتظار نه ڪنداسين.

ايراني صدر جو چوڻ هو ته مضبوط آرمي ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي اهميت جي حامل آهي جڏهن ته اندروني صلاهيتن تي دارومدار رکندڙ ملڪ ئي خودمختياري ۽ طاقت کي محسوس ڪندا آهن.

هن چيو ته بيلسٽڪ ميزال پروگرام ايران جي دفاع لاءِ ضروري آهي ۽ ڪنهن جي هدايت يا ڪو معاهدو اسان کي هٿيارسازي کان نه ٿو روڪي سگهي.