ڪراچي سينٽرل جيل جا ٻه قيدي پراسرار نموني فوت

news

ڪراچي: خميس 19 اپريل 2018ع: سينٽرل جيل ڪراچي جا ٻه قيدي پراسرار نموني فوت ٿي ويا. قيدين جي سڃاڻپ زاهد صغير ۽ نصير عرف عابد جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب قيدي نصير کي گذريل ڏينهن عدالت ۾ پيشي لاءِ آندو پئي ويو ته ان جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته هو علاج دوران فوت ٿي ويو.

ٻئي طرف قيدي زاهد سينٽرل جيل ۾ مردا حالت ۾ مليو جنهن جي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جيل اختيارين موجب 40 ورهين جي قيدي زاهد کي قتل جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٿي هئي ۽ هو 2005 کان جيل ۾ هو.

ٻئي طرف قيدي نصير خلاف عزيز آباد ٿاڻي ۾ 3 ڪيس داخل هئا ۽ هو جنوري 2017ع کان سينٽرل جيل ۾ قيد هو.

اختيارين موجب ميجسٽريٽ جي موجودگي ۾ قيدين جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو.