بجلي جي معاملي تي ڪراچي کان بدلو ورتو پيو وڃي: مراد علي شاهه

news

ڪراچي: خميس 19 اپريل 2018ع: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته بجلي جي ڪري سنڌ پريشان آهي ۽ ڪراچي کان بدلو ورتو پيو وڃي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته بجلي جي ڪري سنڌ پريشان آهي، ڪراچي کان بدلو ورتو پيو وڃي، وزيراعظم کي خط لکي چڪس، 6 ڀيرا فون تي ڳالهائي چڪو آهيان، مسئلو ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گيس جو آهي، عدالت جو فيصلو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي سوئي سدرن گيس ڏيندو.

هن چيو ته سوئي سدرن کي 73 سيڪڙو وفاق اون ڪري ٿو پر وفاقي حڪومت کي ڪابه پرواهه ناهي، وزيراعظم ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن جو مسئلو مفتاح اسماعيل جي حوالي ڪيو، بجلي معاملي تي اڄ به مفتاح اسماعيل سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ٿي سگهي.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان کي چيو ويندو آهي ته ايل اين جي وٺو، ڇو وٺون سنڌ جي عوام جو پهريون حق گيس تي آهي.

مراد شاهه چيو ته ڪراچي ۽ پوري سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشڊنگ تمام گهڻي وڌي وئي آهي، صرف ڪراچي جي ماڻهن سان دشمني آهي، بجلي جي مسئلي جي ڪري پاڻي به گهٽ ملي رهيو آهي، شهر ۾ پاڻي لاءِ ٻن منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي، اهي منصوبا پورا ٿي وڃن ته شهر ۾ پاڻي جو مسئلو ختم ٿي ويندو.