فائدو نظر نه آيو ته اتر ڪوريا جي صدر سان ملاقات اڌ ۾ ڇڏي ويندس: ٽرمپ

news

نيويارڪ: خميس 19 اپريل 2018ع: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جاپاني وزيراعظم شانزو ايبي کي يقين ڏياريو آهي ته فائدو نظر نه آيو ته اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان سان ملاقات اڌ ۾ ڇڏي ويندس، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جاپاني وزيراعظم شانزو ايبي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

آمريڪي صدر ٽرمپ سي آءِ اي ڊائريڪٽر پامپيو جي اتر ڪوريا جي خفيا دوري جي به تصديق ڪئي جنهن ۾ هن اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ سان ملاقات ڪئي هئي، آمريڪي صدر موجب پامپيو جي ڪم جونگ سان ملاقات خوشگوار رهي.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جاپاني قيدين جي آزادي لاءِ اتر ڪوريا سان ڪابه رياعت نه هوندي، جاپاني وزيراعظم چيو ته پيانگ يانگ کي ڳالهين تي راضي ڪرڻ جو انعام نه ملڻ گهرجي، ٽرمپ چيو ته اتر ڪوريا جي غِر ايٽمي ٿيڻ سان ڪم تي مطئن نه ٿيندو.