ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي: پرڏيهي وزارت

news

اسلام آباد: خميس 19 اپريل 2018ع: پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو، ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سڌو سنئون ثبوت آهي.

برطانوي سرزمين تي نريندر مودي جي پاڪستان خلاف تنقيد تي پرڏيهي وزارت ردعمل ڏيندي چيو ته پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته دهشتگرد  ۽ ان جو اڳواڻ ڪير آهي، سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڀارتي دعويٰ ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي، هر هر ڪوڙ ڳالهائڻ سان اهو سچ نه بڻجي ويندو.

هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪابه ڪنفيوزن ناهي، ڪنهن ملڪ سان غلط فهمين سبب ان جي مفادن کي نه مڃڻ آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي جي بنياد اسان جا ملڪي مفاد آهن.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ هڪ هفتي ۾ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو يوو، گذريل هفتي افغانستان طرفان اسان جي فوج تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 5 جوان شهيد ٿيا جڏهن ته هڪ سپاهي کي اغوا ڪيو ويو، پاڪستان انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان شام جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪري ٿو ڪنهن به جاءِ تي ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جي خلاف آهيون.

ڊاڪٽر  فيصل چيو ته ايراني رهبر انقلاب والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪئي، ايراني پرڏيهي وزارت به ان حوالي سان بيان جاري ڪري چڪي آهي.