چين ۾ سمارٽ روڊ، ٽرانسپورٽ جي دنيا ۾ نئون انقلاب

news

بيجنگ: خميس 19 اپريل 2018ع: چين جي حڪومت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ٽرانسپورٽ جي دنيا ۾ هڪ انقلابي قدم کنيو آهي جنهن جي تحت ملڪ ۾ ايندڙ سالن ۾ سمارٽ رستن جي تياري جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان منصوبي جو مقصد ٽرانسپورٽ کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪندي ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻو آهي ڇو ته هن وقت گدلاڻ به انساني وجود لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳو خطرو بڻجندو پيو وڃي.

چين جي سمارٽ رستي جي منصوبي جي حوالي سان خابرو اداري طرفان شايع ڪيل هڪ رپورٽ مطالعي مان گذري آهي، تفصيل موجب چين پهرئين سمارٽ روڊ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، سمارٽ روڊ نه صرف چين پر پوري دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون قدم آهي.

سمارٽ روڊ جي تياري سان ملڪ ۾ روايتي رستن تي ٽريفڪ جي مشڪلات گهٽ ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، آٽوميٽڪ گاڏين ۽ ڊرائيور وسيلي هلائي ويندڙ گاڏين کي وڌيڪ محفوظ ماحول فراهم ڪيو ويندو.

چيني ماهرن جو چوڻ آهي ته سمارٽ روڊ جي آس پاس ۾ هر جاءِ تي شمسي توانائي پينل لڳايا ويندا جن جي مدد سان آٽوميٽڪ ڪارن کي چارج ڪري سگهبو، ان کان علاوه سمارٽ رستن تي سينسرز لڳل هوندا جيڪي روايتي گاڏين جي خرابي بيٽرين جي خرابي جي صورت ۾ فراهم ڪندا.

چين ۾ پهرئين مرحلي تي 108 ڪلوميٽر ڊگهو سمارٽ روڊ تيار ڪيو پيو وڃي، اهو رستو اوڀر چين جي حنان شهر ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون تجربو آهي ۽ ان ۾ روزانو 45 هزار گاڏيون گذرنديون، رستي جي آس پاس ۾ لڳل شمسي توانائي پينل مان 800 گهرن کي بجلي به مهيا ڪئي ويندي.