پ پ جو سينيئر اڳواڻ نديم افضل چن تحريڪ انصاف ۾ شامل

news

اسلام آباد: خميس 19 اپريل 2018ع: تحريڪ انصاف پيپلز پارٽي جي اهم وڪيٽ ڪرائي ڇڏي، پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نديم افضل چن تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي جڏهن ته باضابطه اعلان 25 اپريل تي ٿيندو.

نديم افضل چن بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي، سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين ۽ اتر پنجاب جو صدر عامر ڪياني به موجود هو.

نديم افضل چن عمران خان کي 25 اپريل تي سومر تي پنهنجي رهائشگاهه تي اچڻ جي به دعوت ڏني.`