ڀارتي ڪرڪيٽر شکر ڌون جي اڏام دوران ساٿين سان شرارت

news

ممبئي: خميس 19 اپريل 2018ع: ڀارتي ڪرڪيٽر شکر ڌون فيلڊ ۾ جارحاڻي بيٽنگ سبب مشهور آهي، پر عام زندگي ۾ هو انتهائي نرم مزاج آهي ۽ دوست سان مذاق ۽ شرارتون ڪرڻ پسند ڪندو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ شکر ڌون آءِ پي ايل جي فرنچائز سن رائزر حيدرآباد ۾ شامل پنهنجي ساٿي رناديگرن کي ننڊ ۾ تنگ ڪندي نظر آيو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شکر اڏام دوران هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو کنيو ۽ ان کي موڙي ننڊ پيل شڪيب الحسن ۽ راشد خان جي نڪ ۾ وجهي انهن کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

جڏهن ته شڪيب ۽ راشد به پنهنجي ڌن ۾ پڪا نڪتا، ٻنهي تي ٿورو به اثر نه ٿيو ۽ هو سمهندا ئي رهيا.