چيني ڊاڪٽرن ويهن سالن کانپوءِ هڪ شخص جي معدي مان لائٽر ڪڍي ورتو

news

بيجنگ: خميس 19 اپريل 2018ع: چيني ڊاڪٽرن 20 سالن کانپوءِ هڪ شخص جي معدي مان آپريشن وسيلي لائٽر ڪڍي ڇڏيو جڏهن ته ان شخص جي ٻيون ڀيرو ڪيل سرجري ڪامياب رهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ان شخص اڄ کان 20 سال اڳ لائٽر ڳهي ڇڏيو هو، ڀارتي ميڊيا چيني اسپتال جي ڊاڪٽرن جي حوالي سان ٻڌايو ته سرجنن لائٽر جي موجودگي واري جاءِ جو پتو لڳائڻ لاءِ ان شخص جي جسم ۾ ڪيميرا داخل ڪئي ۽ سموري سرجري کي رڪارڊ ڪيو.

حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ان شخص 20 سال اڳ حادثاتي طور تي ڌات ۽ پلاسٽڪ جو ٺهيل لائٽر ڳهي ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ هن ڪڏهن به ميڊيڪل علاج جي ضرورت محسوس نه ڪئي جڏهن ته گذريل ڏينهن ۾ معدي ۾ تڪليف ۽ سور سبب هن ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو جن کي تفصيلي معائني کانپوءِ معدي مان لائٽر ڪڍي ڇڏيو، ان شخص جو ٻيون آپريشن صرف ڏهه منٽ جاري رهيو.