شهباز شريف سان چوڌري نثار جي هڪ ٻي ملاقات

news

اسلام آباد: خميس 19 اپريل 2018ع: مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان چوڌري نثار پنجاب هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ موجودا سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب شهباز شريف پنجاب هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس جي صدارت لاءِ اسلام آباد آيو هو ۽ ان دوران ٻنهي اڳواڻن جي مختصر ۽ غير رسمي ملاقات ٿي.

ياد رهي ته اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار مسلم ليگ ن جي قيادت سان  ڪاوڙيل آهي ۽ ڪيترين ئي ڪانفرنس ۾ هو خيالن جو اظهار به ڪري چڪو آهي جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ شهباز شريف ۽ چوڌري نثار وچ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير اڳوڻي گهرو وزير کي ان جا خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري چڪو آهي.