دادو جو بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، تحفظ ڏنو وڃي: علي نواز رند

news

حيدرآباد: خميس 19 اپريل 2018:پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي دادو جي صدر علي نواز رند اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته دادو جي هڪ بااثر شخص جي ظلمن کان کيس بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي نواز رند ٻڌايو ته هو دادو ويجهو ڳوٺ ڀورا شاخ وٽ قائم هڪ هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ پهتو، ته اتي بغير نمبر پليٽ جي ڪارن شيشن واري هڪ گاڏي اچي بيٺي، جنهن ۾ ويٺل ماڻهن کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس رڙين تي هوٽل تي ويٺل ماڻهن سندس جان بچائي.

هن چيو ته انهن ماڻهن مان هن هڪ شخص جي سڃاڻپ ڪئي آهي، جيڪو ايس ايس پي آفيس دادو جو ڪلارڪ آهي.

هن چيو ته هن اهڙي شڪايت بي سيڪشن ٿاڻي دادو تي ڪئي، پر پوليس سندس فرياد ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صبح جو سوير هٿياربند ساڻ ڪري ڄاڻايل شخص سندس گاڏين جي شوروم تي آيو ۽ اتي بيٺل ڪرولا ڪار زبردستي ڪاهي فرار ٿي ويو آهي، هاڻي کيس جاني نقصان جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01