چيف جسٽس جي طلب ڪرڻ تي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

news

پشاور: خميس 19 اپريل 2018ع: صاف پاڻي فراهمي ڪيس ۾ چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار جي طلب ڪرڻ تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ پيش ٿي ويو.

چيف جسٽس ثاقب نثار پرويز خٽڪ کان صحت ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي حوالي سان سوال ڪيو ته سي ايم صاحب اوهان اسپتالن لاءِ ڇا ڪيو جنهن تي پرويز خٽڪ جواب ڏنو ته 2013ع ۾ جڏهن اسان آياسين ته اسڪول تباهه  هئا ۽ اسپتالن جي خراب حالت هئي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه هئا جڏهن ته اسان اسپتالن کي خودمختيار ڪيو.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ عدالت کي ٻڌايو ته ٽيچنگ اسپتالن لاءِ ڏيڍ کان 2 ارب روپيا مقرر ڪيا، اسان فنڊنگ پراڻي عمارتن تي ڪئي جڏهن ته اسان اڳتي ڀڄ پوئتي ڇڏ وارو ڪم نه ڪيو.

چيف جسٽس وڏي وزير کي هدايت ڏيندي چيو ته هتي موجود ٽيچنگ اسپتالن ۾ ڪهڙيون سهولتون موجود آهن سڀني جا تفصيل فراهم ڪريو.