سکر ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران شهر جي مختلف پارڪن جو دورو

news

سکر: خميس 19 اپريل 2018:سکر ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهر جي 18 مختلف پارڪن جي دوري تي نڪري پيو، سمورن پارڪن جي ماپ ڪرائي حددخلين کي فوري طور تي ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ميونسپل اسٽيڊيم ۾ لڳايل ناقص واٽر ٽئنڪس کي فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ واسطيدار ٺيڪيدار جو لائنس پڻ رد ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر امجد علي ٻوهيو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو، ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجي شهر جي 18 مختلف پارڪس جو اوچتو دورو ڪيو.

دوري دوران هن پارڪن جي ڀرپاسي ۾ غيرقانوني ٿيل حد دخلين ۽ قبضن خلاف ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ميئر کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي سمورن پارڪن جي ماپ ڪرائي اصل حددخلين کي فوري طور تي ختم ڪرائين.

هن ميونسپل اسٽيڊيم ۾ لڳايل ناقص واٽر ٽئنڪس کي فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ واسطيدار ٺيڪيدار جو لائنس پڻ رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، هن جيم خاني جي ماپ ڪرائي رپورٽ ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امجد علي ٻوهيو ٽيڪ چند پارڪ ۾ گند ڪچرو اڇلائڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي ايس ريلوي کي پابند ڪيو ته هو فوري طور تي پارڪ مان صفائي ڪرائي ۽ ڪچرو اڇلائيندڙ رهواسين کي نوٽيس ڏئي ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي.

دوري دوران هن هدايت ڪئي ته منزل گاهه گرائونڊ تي بغير اجازت نامي جي ڌاڳي ٺاهيندڙن کان گرائونڊ خالي ڪرايو وڃي ۽ گرائونڊ جي ماپ ڪري ٻن ڏينهن جي اندر رپورٽ پڻ جمع ڪرائي وڃي. هن ڊي سي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي هدايت ڪئي ته نمائش گرائونڊ ۾ قائم ٿيل سرڪاري آفيسون قبضا گيرن کان فوري طور تي خالي ڪرايون وڃن.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايس ڊي ايم آفيس وٽ قائم ٿيل پارڪ کي ختم ڪري اتي پارڪنگ قائم ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ميونسپل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پارڪ کي پنهنجي اصل صورت ۾ آندو وڃي، جڏهن ته ايس پي سٽي کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته هو انهيءَ جڳهه تي نو پارڪنگ جو بورڊ آويزان ڪرائي آئينده لاءِ پارڪنگ تي پابندي لاڳو ڪري. عملدرآمد نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٽريفڪ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن ميونسپل آفيس ۾ قائم ٿيل جوهر پارڪ کي ختم ڪري ساڳي جڳھ تي ميئر آفيس قائم ڪرڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڊپٽي ميئر طارق چوهاڻ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڄاڻايل پارڪ جي جڳهه تي آفيس ٺاهڻ جي ڪنهن منظوري ڏني آهي ۽ انهيءَ بابت تفصيلي رپورٽ جلد فراهم ڪئي وڃي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ليڊيز اينڊ چلڊرين پارڪ ۾ قائم ڪيل هل ٽاپ بار بي ڪِيُو متعلق پڇاڻو ڪندي چيو ته جڏهن بار بي ڪِيُو جي الاٽمينٽ رد ٿي چڪي آهي ته پوءِ اهو ڪيئن هلي رهيو آهي، انهيءَ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امجد علي ٻوهيو نئون پنڊ پارڪ جي دوري دوران پڇاڻو ڪندي چيو ته 34 ايڪڙن تي مشتمل نيو پنڊ پارڪ کي صرف ٽن ايڪڙن تائين ڪيئن محدود ٿيو آهي، باقي 31 ايڪڙن جي ايراضي بابت ٽن ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي.

هن ڊپٽي ميئر ۽ ايڪسيئن ميونسپل کي سختي سان هدايت ڪئي ته ڊي سي آفيس ويجهو قائم فاطما چلڊرين پارڪ کي ٽن مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي، ان ۾  ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.01