ڀٽ شاهه ۾ حضرت امام حسين جو جشن ولادت وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

news

ڀٽ شاهه:خميس 19 اپريل 2018: ڀٽ شاهه ۾ حضرت امام حسين ۽ غازي عباس علمدار جو جشن ولادت وڏي عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

حضرت امام حسين جي جشن ولادت جي سلسلي ۾ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي رنگ برنگي بلبن ۽ جهالرن سان سينگاري چراغان ڪيو ويو، حضرت امام حسين جي جشن ولادت جي موقعي تي سيد خاور حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ چادر برآمد ڪري درگاهه ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري وئي.

جنهن بعد درگاهه جي صحن ۾ جشن ولادت جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حضرت امام حسين ۽ غازي عباس علمدار جي جشن جو ڪيڪ سجاده نشين درگاهه ڀٽائي سيد وقار حسين شاهه لطيفي جي اڳواڻي ۾ ڪاٽيو ويو.

ان موقعي تي بلڙي شاهه ڪريم جو قائم مقام سجاده نشين سيد اسد علي شاهه، سيوهڻ جو سجاده نشين سيد مهدي رضا شاهه، سيد غلام رضا شاهه لطيفي، مخدوم غلام محي الدين، ڀٽائي خاندان فردن سيد مصطفيٰ حسين شاهه، سيد فيض عباس شاهه، سيد گدا حسين شاهه، سيد فدا حسين شاهه، ڊاڪٽر جواد حسين، سيد جرار حسين شاهه، سيد علمدار شاهه، سيد ممتاز شاهه، سيد اعجاز حسين شاهه، سيد فرحاد عباس شاهه، سيد واصف شاهه، صاحب خان لطيفي، فقير غلام حسين جمالي، فقير اسماعيل، ڊاڪٽر قربان لسڪاڻي، فقير بخت حسين، سيد ولي محمد شاهه ۽ فقير امداد حسين سميت مختلف علائقن مان آيل مومنن ۽ عقيدتمندن توڙي شاهه لطيف پريس ڪلب جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم بعد پاڪستان جي ناليواري قصيده خوان حسن صادق حضرت امام حسين ۽ غازي عباس علمدار جي شان ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. جڏهن ته شهر جي مختلف هنڌن تان جشن حضرت امام حسين جي سلسلي ۾ سادات برادري ڀٽ شاهه ۽ مذهبي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون.

جشن ولادت جي موقعي تي درگاهه جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه ۽ سيد خاور حسين شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حضرت امام حسين ۽ غازي عباس علمدار جو جشن سڀني مسلمانن کي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائي خوشيون ڪرڻ گهرجن.

هنن چيو ته حضرت امام حسين ۽ ان جي خاندان پاران مسلم امت لاءِ ڏنل عظيم قربانيون ڪنهن کان لڪيل نه آهن. اسان سڀني کي انهن تي فخر آهي.01