ايڊيشنل اٽارني جنرل افنان ڪريم ڪنڊي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: خميس 19 اپريل 2018ع: ايڊيشنل اٽارني جنرل افنان ڪريم ڪنڊي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل افنان ڪريم ڪنڊي پنهنجي استعيفيٰ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ في الحال ان جي استعيفيٰ ڏيڻ جو سبب سامهون ناهي آيو.

جيتوڻيڪ ذريعن ٻڌايو آهي ته افنان ڪريم ڪنڊي ذاتي سببن جي ڪري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.