خيبرپختونخواهه ۾ سترنهن سئو اڻهتر ماڻهن کان پوليس سيڪيورٽي واپس، رپورٽ ڪورٽ ۾ پيش

news

پشاور: جمعو 20 اپريل 2018ع: آءِ جي خيبرپختونخواهه صلاح الدين محسود سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته عدالتي حڪم موجب پوري صوبي ۾ 1759 ماڻهن کان پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ عدالت جي بينچ سيڪيورٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي خيبرپختونخواهه صلاح الدين محسود سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ هڪ هزار 769 ماڻهن کان پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. چيف جسٽس پوليس جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي خيبرپختونخواهه تمام سٺو ڪم ڪيو، مان ان جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان، جيڪڏهن عدالت ڪنهن کي سليوٽ ڪري سگهي ها ته مان آءِ جي کي سليوت ڪريان ٿو.

ان کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صلاح الدين محسود چيو ته اسان 3 مهينن دوران 900 ماڻهن کان پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي هئي ۽ هاڻ عدالتي حڪم تي وڌيڪ هڪ هزار 769 ماڻهن کان سيڪيورٽي واپس ورتي آهي.

چيف جسٽس سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي قدم تي تعريف ڪئي، تعريف جيڪڏهن منهنجي به ڪئي آهي ته پوري پوليس جي ڪئي آهي.