مجوان فيشن شو ۾ دپيڪا ۽ رنبير جي شاندار انٽري

news

ممبئي: جمعو 20 اپريل 2018ع: بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون اختلاف وساري ممبئي ۾ منعقد مجوان فيسن شو ۾ انٽري ڏني ۽ ريمپ تي گڏجي ويٽ واڪ ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.

رنبير ۽ دپيڪا ڀارتي ڊيزائنر منيش ملهوترا جي ڪپڙن جي نمائش ڪئي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ رنبير ۽ دپيڪا جي لاڳاپن جون خبرون گرم هيون ۽ ٻنهي جو نالو هڪ ٻئي سان گڏ جوڙيو ويندو رهيو، جڏهن ته ان کانپوءِ ٻنهي جو بريڪ اپ ٿي ويو هو.

هلندڙ سال مجوان فيشن شو جو نئون ايڊيشن هو، جنهن کي شبانا اعظمي جي اين جي او مجوان ويلفيئر سوسائٽي جي اهتمام هيٺ منعقد ڪيو ويندو آهي.