ٽيتاليهن ورهين جي شخص کي سرجري وسيلي نوجوان جو چهرو لڳايو ويو

news

پيرس: جمعو 20 اپريل 2018ع: طبي ماهرن فرانس جي 43 ورهين جي جيروم هيمون کي 22 ورهين جي نوجوان جو چهرو لڳائي ڇڏيو.

عالمي خابروا داري موجب فرانس جي شهري جيروم هيمون جو ٻيون ڀيرو چهري جو ڪامياب ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو آهي هن ڀيري 22 ورهين جي نوجوان جو چهرو لڳايو ويو آهي جڏهن ته پهريون ڀيرو لڳايل چهرو الرجي سبب هٽائڻو پيو هو. جيروم نيورو فائبرو ميٽوسز ٽائپ ون جو مريض آهي جنهن سبب ان جي چري تي رسوليون بڻجي ويون هيون جن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هن چهري جو ٽرانسپلانٽ ڪرايو پر هو الرجي سبب ڪامياب نه ٿي سگهيو ان لاءِ چهري جو ٻيهر ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو.

جيروم هيمون جي چهري جو پهريون ٽرانسپلانٽ 2010ع ۾ ٿيو هو پر پنج سال کانپوءِ الرجي ٿيڻ سبب اينٽي بايوٽڪ ۽ اينٽي هسٽامين وٺڻ سبب ري ايڪشن ٿي يوو جنهن کانپوءِ جسم چهري کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ نيڪراسس جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.  ڊاڪٽرن هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي چهري جي ٽرانسپلانٽ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته ان لاءِ جيروم کي ٻن مهينن تائين بنا چهري جي اسپتال ۾ داخل رهڻو پيو.

ان دوران نه هو ٻڌي سگهي پيو، نه ڏسي سگهي پيو ۽ نه ئي ڳالهائي سگهي پيو جڏهن ته غذا به نالي وسيلي سڌو سنئون ڳلي کان معدي ۾ منتقل ڪئي پئي وئي.