ڪرن جوهر مادام تسائو جي زينت بڻجندڙ پهريون ڀارتي ڊائريڪٽر

news

لنڊن: جمعو 20 اپريل 2018ع: بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر جو ميڻ وارو مجسمو مادام تسائو ميوزيم جي زينت بڻجندو. ڀارتي فلم نگري سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي اداڪارن جا ميڻ وارا مجسما مادام تسائو ۾ رکيا ويا آهن جنهن ۾ شاهرخ خان، اميتاڀ بچن، سلمان خان سميت ڪيترائي شامل آهن.

نوجوان اداڪارن ۾ ورون ڌون واحد اداڪار آهي جنهن جو مجسمو ڪجهه ڏينهن اڳ مادام تسائو جي زينت بڻيو آهي پر هاڻ ڪرن جوهر به اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون هدايتڪار بڻجي چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر جو ميڻ وارو مجسمو به مادام تسائو ميوزيم ۾ رکيو ويندو جنهن کانپوءِ مادام تسائو جي زينت بڻجندڙ پهريون ڀارتي هدايتڪار بڻجي ويو آهي.