مٺو کائڻ جا شوقين خبردار ٿي وڃن

news

لنڊن: جمعو 20 اپريل 2018ع: جيڪي ماڻهو گهڻو مٺو کائڻ جا عادي آهن اهي هوشيار ٿي وڃن، صحت جي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته گهڻو مٺو کائڻ وارن جي دماغي صحت متاثر ٿيندي آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙا صحت مند ماڻهو جيڪي ڊگهي عرصي تائين روزانو 67 گرام يا ان کان وڌيڪ مقدار ۾ کنڊ استعمال ڪندا آهن انهن کي روزانو 40 گرام يا ان کان گهٽ کنڊ کائڻ وارن جي مقابلي ۾ ڊپريشن ۽ بيچيني جو خطرو 23 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.

مطالعي ۾ اهو به ڏٺو ويو ته وڌيڪ کنڊ ۽ مزاجي مسئن ۾ تعلق هر طبقي جي مردن ۾ هڪ جيترو هوندو آهي يعني ان ڳالهه سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته وڌيڪ کنڊ استعمال ڪندڙ ڪوبه مرد امير هجي يا غريب ۽ وڌيڪ تعليم يافته يا گهٽ پڙهيل لکيل.

ان کان علاوه اها به خبر پئي آهي ته چاهي خالص حالت ۾ وڌيڪ کنڊ کائي وڃي يا وري مٺن کاڌن ۾ شامل ڪري ٻنهي صورتن ۾ وڌيڪ کنڊ کائڻ جا موڊ تي خراب اثر هڪ جيترا ئي رهندا آهن.