دشمن طاقتون غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن: آءِ ايس پي آر

news

راولپنڊي: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته دشمن طاقتون غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ان ڪري هي وقت دشمن طاقتن کان خبردار رهڻ جو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي بيان ۾ چيو ته اتر وزيرستان جي متاثر واپارين جي مقامي سول ۽ فوجي نمائندن سان سڀاڻي ملاقات ٿيندي جنهن ۾ فاٽا سيڪريٽريٽ جا نمائندا به هوندا جڏهن ته ملاقات ۾ حقيقي مسئلن ۽ انهن جي حل تي غور ٿيندو.

هن چيو ته قبائلين جي اقتصادي بحالي پهرئين ترجيح آهي، فاٽا کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ قبائلين کي بااختيار بڻائڻ ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي.

ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته دشمن طاقتون غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ان ڪري هن وقت دشمن طاقتن کان خبردار رهڻ جو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انشاءَ الله دشمن طاقتون ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون، هي اسان جو گهر آهي، گڏجي آهستي آهستي مڪمل امن آڻينداسين.