ڀارتي شهري ناري جي انڪار تي شادي لاءِ چورايل لکين روپيا ساڙي ڇڏيا

news

دلي: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: ڀارتي شهري محبت ۾ ناڪامي تي شادي جي ڪري چورايل 5 لک روپيا ساڙي ڇڏيا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست مڌيا پرديش جي فائننس ڪمپني ۾ ڪيشيئر طور ڪم ڪندڙ 22 ورهين جو جتندر گويال هڪ ناري سان محبت ڪندو هو ۽ ان سان شادي به ڪرڻ چاهي پيو.

ان مقصد لاءِ نوجوان پنهنجي ئي ڪمپني مان 6 لک 74 هزار روپيا چوري ڪيا جڏهن ته ناري شادي کان انڪار ڪري ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو جنهن تي گويال ڏک ۾ 5 لک روپيا ساڙي ڇڏيا.

پوليس موجب جوابدار جي ڪمپني جي مينيجر طرفان پوليس ۾ پئسا چوري ٿيڻ جي شڪايت داخل ڪرائي وئي جنهن تي گويال کي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.

حراست دوران جوادبار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته هن اهي پئسا پنهنجي پسند جي ڇوڪري سان شادي لاءِ چورايا هئا پر ناري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

گويال انڪشاف به ڪيو ته واقعي کانپوءِ هن پاڻ کي مارڻ جي به ڪوشش  ڪئي.