اداڪارا ميرا پاران جنسي هراساني بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڪتاب لکڻ جو فيصلو

news

لاهور: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: ڳائڻي ميشا شفيع طرفان راڳي ۽ اداڪار علي ظفر تي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزامن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ هنگامو مچي ويو آهي ۽ ان ئي سلسلي ۾ ٻين اداڪارائن ۽ شوبز شخصيتون به هراساني جي معاملي تي ڳالهائيندي ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن جڏهن ته اداڪارا ميرا به ميدان ۾ انٽري ڏيندي فلم انڊسٽري ۾ جنسي هراساني تي ڪتاب لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

تفصيل موجب ميڊيا ذريعن سان ڳالهائيندي اداڪارا ميرا جنسي هراسگي جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته اها معمول جي ڳالهه آهي جڏهن ته بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ ۾ اداڪارائن سان جنسي زيادتيون به ٿيون.

فلم انڊسٽري ۾ مون سان به گهڻو ڪجهه ٿيو ۽ مان سڀني جا پول کولينديس، ميرا جنسي هراسان ڪرڻ جي معاملي تي ڪتاب لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته فلم انڊسٽري ۾ هر ڇوڪري کي بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ اتي عورتن سان اهو ڪجهه ٿئي ٿو جيڪو بيان ڪرڻ جي قابل ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سٺي فيملي سان تعلق رکندڙ ڇوڪريون ان شعبي ۾ اچڻ پسند ناهن ڪنديون.