سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي معطل ڪري ڇڏيو

news

لاهور: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد زڪريا ذاڪر کي معطل ڪري سينيئر ترين پروفيسر کي وقتي وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ لاهور رجسٽري ۾ ذڪر ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته اڍائي سالن کان مستقل وائس چانسلر مقرر ڇو ناهي ڪيو ويو، آگاهه ڪيو وڃي ته دير جو ذميوار ڪير آهي؟

جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته ثابت ٿي ويو ته حڪومت جائز ۽ ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ مستقل وائس چانسلر مقرر نه ٿي ڪري.

عدالت پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي عهدي تان هٽائي سينيئر ترين پروفيسر کي وقتي وائس چانسلر بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.