بليو وهيل سبب فوت ٿيندڙن کي ان ئي گيم وسيلي عذاب ڏنو ويندو: مصري عالم

news

قاهرا: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: مصري دارالافتا جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد عمران چيو آهي ته بليو وهيل وڊيو گيم وسيلي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو گنهگار ٿيا ۽ قيامت جي ڏينهن انهن کي ان ئي گيم وسيلي عذاب ڏنو ويندو.

عرب تي وي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر خالد عمران باور ڪرايو ته دارالافتا جي سامهون بليو وهيل گيم بابت ان وقت هڪ وڏي خطري جو انڪشاف ٿيو جڏهن وڏي تعداد ۾ ماڻهن ان حوالي سان شرعي حڪم جي فتويٰ طلب ڪئي.

اسان جي علم ۾ ڪجهه نوجوانن جي خوڪشي جا واقعا آيا جنهن کانپوءِ اسان ان گيم جو ويجهي کان جائزو ورتو، هن وڌيڪ چيو ته ان گيم ۾ انساني عزت ۽ ان جي جسم کي نشانو بڻايو ويو آهي.