عمران خان چئن ڏينهن جي دوري تي لنڊن روانو

news

اسلام آباد: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان چئن ڏينهن جي دوري تي لنڊن روانو ٿي ويو، جتي هو مانچسٽر ۾ فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت کان علاوه پنهنجن ٻارن سان به ملاقات ڪندو.

تفصيل موجب تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان چئن ڏينهن جي دوري تي لنڊن روانو ٿيندو، ان سان گڏ تحريڪ انصاف جو سڌ سماءَ بابت سيڪريٽري فواد چوڌري ۽ عون چوڌري به آهن.

ذريعن موجب عمران خان مانچسٽر ۾ فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، تحريڪ انصاف اوورسيز جي اجلاس جي صدارت ڪندا ۽ اهم معاملن تي پارٽي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

ذريعن موجب عمران خان مانچسٽر ۾ نمل يونيورسٽي جي فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ان کان علاوه تحريڪ انصاف اوور سيز جي اجلاس جي صدارت ڪندو ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن کي خطاب ڪندو.