ايڊ سمٿ کي انگلش ڪرڪيٽ سليڪٽر بڻائڻ جو اعلان

news

لنڊن: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: اڳوڻي ٽيسٽ بيٽسمين ايڊ سمٿ کي باضابطه طور تي انگلش سليڪٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو، هو ڪوچ ٽريور بيلس، ٽيسٽ ڪپان جو روٽ ۽ ون ڊي ڪپتان آئن مورگن سان گڏجي ڪم ڪندو، هن کي اها جاءِ جيمز وي ٽيڪر جي وڃڻ  کانپوءِ ملي، سمٿ سليڪٽر بڻجڻ کان اڳ براڊ ڪاسٽر ۽ رائيٽر طور به پنهنجون صلاحيتون مڃائي چڪو آهي.

هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سليڪشن ۽ ٽيلنٽ جي ڳولا هميشه کان منهنجي دلچسپي رهي آهي مون کي هاڻ انگلش بورڊ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

مان ڪوچ بيلس روڊ ۽ مورگن سان گڏجي سمورن فارميٽس ۾ ٽيم جي پرفارمنس ۾ تسلسل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس، ٻئي طرف اي سي بي ڊائريڪٽر اينڊريو اسٽراس ڪيترن جي سبنن جي ڪري ايڊا سمٿ کي انگلش سليڪٽر لاءِ موزون چونڊ قرار ڏنو آهي.