پنجويهن رانديگرن مان سورنهن جي سليڪشن مجبوري هئي: سرفراز احمد

news

لاهور: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: پاڪستان ڪرڪيٽ تيم جي ڪپتان سرفراز احمد فواد عالم کي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته فواد کي ڪيمپ لاءِ گهرايو ويو هو، پر 25 ڇوڪرن مان صرف 16 کي وٺي وڃڻ مجبوري آهي.

قذافي اسٽيڊيم ۾ تربيتي ڪيمپ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته 25 رانديگرن مان ٽيم ٺاهڻي هئي، منهنجو وس هلي ها ته 25 جا 25 رانديگر گڏ وٺي وڃان ها پر اسان کي 16 ڇوڪرا سليڪٽ ڪرڻا پوندا آهن.

سرفراز احمد چيو ته جڏهن فواد کي گهرايو هو ته هو اسان جي نظر ۾ هو اسان سڀني ڇوڪرن جي پرفارمنس ڏٺي ۽ پوءِ انهن مان بهترين کي سليڪٽ ڪيو ويو ، ٽيم جي سليڪشن سڀني جي راءِ ۽ مشاورت سان ٿي. ان سان گڏوگڏ هن جو چوڻ هو ته جيڪي اڄ نه پيا کيڏن اهي پاڪستان ٽيم لاءِ سڀاڻي ضرور کيڏندا.