ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، ڪنهن ۾ همت آهي ته مارشل لا لڳائي ڏيکاري: چيف جسٽس

news

لاهور: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ۽ ڪنهن ۾ همت آهي ته مارشل لا لڳائي، سپريم ڪورٽ جا 17 جج مارشل لا نه لڳڻ ڏيندا.

لاهور ۾ يوم اقبال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته پاڪستان اسان کي خيرات يا تحفي ۾ نه مليو، هي ملڪ مستقل جدوجهد ۽ قربانين سان حاصل ٿيو آهي.

هن چيو ته منهنجي نظر ۾ سڀ کان اهم شئي تعليم آهي، تعليم بابت ڪنهن شئي تي سوديبازي نه ڪندس، قوم جي بقاءَ لاءِ تعليم تمام ضروري آهي، ڇا اسان اهڙا موقعا پيدا ڪيا جيڪو ٻار ڊاڪٽر بڻجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي بنا سفارش يا اهڙو تعليم نظام ملي جتي وڃي هو تعليم حاصل ڪري.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ بدران تباهه ڪيا پيا وڃن، پنجاب يونيورسٽي جي 80 ايڪڙ زمين حڪومت کي ڇو ڏني، اسان جي ملڪ ۾ اهو تعليم جو عالم آهي، بلوچستان ۾ 6 هزار پرائمري اسڪول پاڻي ۽ بيت الخلاءِ بنا هلي رهيا آهن.

ٻارڙيون حاجت لاءِ فصلن ۾ وينديون آهن، پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، پنجاب ۾ اهڙي طرح جي صورتحال آهي، ڪي پي ۾ ٻڌايو ويو اتي گهڻا اسڪول آهن جتي پاڻي ۽ چوديواري تعمير ناهي ٿي سگهي، اهي ڪير ڏيندو؟ 

اسان جي ٽيڪس جو پئسو تعليم تي خرچ نه پيو ٿئي ته ڪٿي پيو ٿئي؟ هن چيو ته پهريان پنهنجي مٿان اها ڪيفيت  طاري ڪيو جنهن ۾ قوم جي خدمت جو جذبو هجي، بنيادي حق ڏيڻ جو جذبو هجي.

جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته پهريان مون چيو ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته مان نه هوندس پر هاڻ چوان ٿو ته جنهن ڏينهن راتاهو هنيو ويو ته سپريم ڪورٽ جا 17 جج نه هوندو اهي 17 جج مارشل لا نه لڳڻ ڏيندا، جڏهن ته ڪنهن جوڊيشل مارشل لا جو تصور ذهن ۾ آهي نه آئين ۾ آهي، اهو ڪنهن جي دل جي خواهش ٿي سگهي ٿي.