ٿائيلينڊ ۾ پڪ اپ ٽرڪ ڪلٽي، ڇهه ڄڻا فوت، ٽي زخمي

news

 بينڪاڪ: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: ٿائيلينڊ جي ضلعي وانگ نام ين ۾ پڪ اپ ڪلٽي ٿيڻ  سبب 6 ماڻهو اجل جو شڪار  ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اختيارين موجب اهو حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ پڪ اپ ٽرڪ اوچتو روڊ تي ڪلٽي ٿي، نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڏني آهي.