ولادي مير پيوٽن آمريڪي صدر سان ملاقات لاءِ تيار آهي: سرگئي لاروف

news

 واشنگٽن: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع:روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته صدر ولادي مير پيوٽن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ واشنگٽن ۾ ان سان ملاقات لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.

سرڪاري تحُويل ۾ ڪم ڪندڙ خابرو اداري آئي آئي اي نووستي کي ڏنل انٽرويو ۾ روسي پرڏيهي وزير چيو ته پيوٽن اهڙي ملاقات لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اها حقيقت اسان جي رهنمائي ڪندي آهي ته ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ آمريڪي صدر اهڙي دعوت ڏني آهي ۽ هو چاهي ٿو ته پيوٽن ان سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪري.

سرگئي لاروف وڌيڪ چيو ته پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيترائي ڀيرا ٽرمپ ان دعوت جي عنوان تي ڳالهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته ان کي روس جو جوابي دورو ڪري خوشي ٿيندي. ان کان اڳ ٽرمپ ۽ پيوٽن واشنگٽن ۾ سربراهه اجلاس جي امڪان تي اتفاق ڪيو.