غيرقانوني آبادي جي ڪري سنڌ ۾ معاشي ۽ سماجي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن: امير ڀنڀرو

news

 ڪراچي: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: سنڌ نيشنل پارٽِي جي چيئرمين امير ڀنڀرو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري لاءِ وڏا ميگا پروجيڪٽ تيار ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌ جي اصل وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هر روز نيون سازشون سٽيون پيون وڃن. سنڌ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ سراپا احتجاج آهي، پر ملڪ جا واڳ ڌڻي سنڌين جي احتجاج کي مڪمل نظرانداز ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان هن ملڪ جي آقائن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته خدا جي واسطي سنڌين کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. هن ملڪ جا خالق  ۽ باني سنڌي آهن پر سنڌين کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن. غير قانوني غيرملڪين جي آبادي جي ڪري ملڪ جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي.

امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته غيرقانوني آبادي جي ڪري سنڌ ۾ معاشي ۽ معاشرتي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن. 1947 کان وٺي سنڌ مسلسل غير ملڪين ۽ ٻاهران آيلن جو مسلسل بار برداشت ڪري رهي آهي، دنيا جي عالمي دهشتگردن کي سنڌ ۾ آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کان حق حاڪميت ڇنڻ ٿا چاهين. گذريل 7 ڏهاڪن کان ٻاهران آيل پناهگيرن جي ڪري سنڌ جو امن ۽ خوشحالي تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته غير قانوني آباد غير ملڪين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي.

امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مٿان هن وقت ڏکيو وقت آهي. اسان سنڌ جي سلامتي ۽ بقاءَ لاءِ هر اهو رستو اختيار ڪنداسين، جنهن سان اسان جي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ هجي. هاڻي سنڌ ڌارين جو گهڻو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري سنڌ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جا شهر سنڌين جا نه رهيا آهن، ڌاري آبادڪاري جي ڪري دهشتگردي جا واقعا پڻ وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن ڌاري آبادڪاري کي نه روڪيو ويو ته سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

ٻئي طرف سنڌ نيشنل پارٽي جي پريس ترجمان جي پڌرائي موجب 22 اپريل بروز آچر تي 4 وڳي ڪورنگي ۽ گڏاپ ٽائون ۾ “ڌاري آبادڪاري ۽ غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ” خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.