مدئجي ڀرسان اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب ٻه ٻارڙا دٻجي فوت، هڪ زخمي

news

مدئجي: ڇنڇر 21 اپريل 2018:مدئجي ويجهو ڳوٺ ڪرم الله بنگلاڻي ۾ اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب راند کيڏندڙ معصوم ٻارڙا ڀت هيٺان دٻجي ويا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پهچي ڀت هيٺان دٻجي ويل ٻارڙن کي ٻاهر ڪڍيو، جنهن دوران ٻه معصوم ٻارڙا 5 سالن جو نصرالدين ۽ 6 سالن جو علي محمد بنگلاڻي فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ نينگر عبدالله بنگلاڻي سخت زخمي ٿي پيو.

هوڏانهن فوت ٿي ويل ٻنهي نينگرن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن دانهيندي چيوته ڳوٺ جي اسڪول ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب اڄ اسڪول ٻاهران ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو اسڪول جي ڀت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي ٽي ٻارڙا دٻجي ويا، جن مان ٻه ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي اسڪول جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

هوڏانهن اسڪول جي ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿيل ٻارڙن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.01