گهوٽڪي ۾ ٻن جوابدارن نينگري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

news

 گهوٽڪي: ڇنڇر 21 اپريل 2018ع: گهوٽڪي جي سردار خان پتافي ڳوٺ ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي کي ٻن پاڙيسرين گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

مقتول ٻارڙي جي پيءُ چيو ته هو ۽ سندس گهرڀاتي علائقي ۾ مزار تي حاضري ڀرڻ ويا هئا، پويان سندن پاڙيسرين سندن ڌيءُ کي گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. پيءُ پاران سڃاڻپ ڪرڻ تي پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪندي فرسٽ انفارميشن رپورٽ داخل ڪري ورتي.

ٻارڙِي جي والد دعويٰ ڪئي ته مقتولا کي قتل ڪرڻ کان اڳ جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي هئي، جنهن کي ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر امام الدين پاران ايف آءِ آر ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ايس ايڇ او مطابق جوابدارن ان کي ان لاءِ ماريو ڇو ته ٻارڙي کين گٿي حالت ۾ ڏسي ورتو هو.

پوليس ٻڌايو ته ٻنهي جوابدارن حراست دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش گهرڀاتين جي حوالي ڪيو ويو آهي.